جنازي نماز

جنازي نماز: مسلمان مرد، عورت يا ٻار جي مرڻ بعد ميت کي غسل ڏياري پاڪ صاف ڪري، مٽن، مائٽن کي مردي جو آخري ديدار ڪرائي، دفن ڪرڻ لاءِ کڻبو آهي ته دفن ڪرڻ کان اڳ ان جي جنازي نماز ٿيندي آهي. ڪنهن مناسب هنڌ تي جنازي جي کٽ يا ڏولي رکبي آهي، سمورا ڪانڌي وضو ڪري اِڪي انگ ۾ صفون ٻڌندا. (يعني هڪ يا ٽي يا پنج) پوءِ مُلان جنازي جي اڀرندي طرف لاش جي ويجهو بيهي، ميت جي عزيزن مائٽن، ڀائرن يا پيءُ کان نماز پڙهائڻ جي اجازت گهرندو آهي، جنازي نماز جي اجازت ملڻ کان پوءِ نيت ڪندو آهي ته: ”نيت ڪيم جنازي نماز جي، ساڻ پنجن تڪبيرن فرض ڪفايه، منهن طرف ڪعبة الله جي ثواب ڪارڻ هن ميت!“ (جماعتي ”پٺيءَ هن امام جي“)، پوءِ الله اڪبر چئي هٿ ٻڌي مولوي نماز شروع ڪندو، دعائون پڙهندو ۽ وچ ۾ چار تڪبيرون هڻندو، جماعتي به پوئتان هٿ ٻڌي بيهندا ۽ نماز ادا ڪندا. هن نماز ۾ سجدو نه ٿيندو آهي ۽ نماز جي پڄاڻيءَ تي بيٺي ئي سلام ڦيربو آهي.


لفظ جنازي نمازھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو